پنجاب ۾ عوام پاران بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪري ثابت ڪيو ته ماڻهو پيپلزپارٽي سان گڏ آهن،آصف علي زرداري

آصف علي زرداري چيو آهي ته پنجاب ۾ عوام پاران بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪري ثابت ڪيو ته ماڻهو پيپلزپارٽي سان گڏ آهن، شاندار استقبال سبب مخالف پريشان آهن.

جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان پيار ڪندڙ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهن.

 آصف زرداري چيو ته پارٽي جا ڪارڪن متحرڪ رهن، اليڪشن ۾ فتح شهيدن جي پارٽي جي ٿيندي.

 هن چيو ته پ پ جي مخالفن کي پنهنجي شڪست نظر اچي رهي آهي، آئين جي بحالي ۽ صوبائي خودمختياري شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو.

 آصف علي زرداري چيو ته ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو اسان جو مقصد آهي، پنجاب ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نعرن جي گونج پ پ  جي فتح جي نشاني آهي.

هن چيو ته باوقار ۽ خوشحال پاڪستان پيپلزپارٽي جي منزل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*