سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اميدوار حليم عادل شيخ جي نامزدگي فارمن جي منظوري خلاف زرعي ترقياتي بئنڪ انتظاميه جي درخواست در ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اميدوار حليم عادل شيخ جي نامزدگي فارمن جي منظوري خلاف زرعي ترقياتي بئنڪ انتظاميه جي درخواست در ڪري ڇڏي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته توهان کي معاملو آر او جي سامهون اٿارڻ گهرجي ها، جڏهن حليم عادل شيخ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.

زرعي ترقياتي بئنڪ جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته حليم عادل شيخ زرعي ترقياتي بئنڪ مان 80 لک قرض وٺڻ بعد واپس نه ڪئي آهي، نامزدگي فارمن ۾ قرض ظاهر نه ڪيو آهي.

بئنڪ جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته حليم عادل شيخ نامزدگي ڪاغذن ۾ غلط بياني ڪئي آهي، جنهن ڪري سندس نامزدگي فارم رد ڪيو وڃي.

حليم عادل شيخ تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي ملير جي پي ايس 99 تان چونڊ وڙهي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*