پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم، ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پاڻي سپلائي اسڪيمن ۾ پاڻي فراهمي جا بهتر انتظام نه هئڻ تي پبلڪ هيلٿ کاتي سميت لاڳاپيل ادارن عملدارن کي ڇنڊ پٽي ۽ اسڪيمن جا تفصيل طلب ڪري ورتا

پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم، ٺٽي ۽ مڪلي ۾ پاڻي سپلائي اسڪيمن ۾ پاڻي فراهمي جا بهتر انتظام نه هئڻ تي پبلڪ هيلٿ کاتي سميت لاڳاپيل ادارن عملدارن کي ڇنڊ پٽي ۽ اسڪيمن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

پاڻي ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائر امير هاني مسلم ٺٽي ۽ مڪلي جي پاڻي سپلائي اسڪيمن جي جائزي لاءِ دوري تي پهتو، جتي کيس عملدارن پاران بريفنگ به ڏني وئي.

پاڻي سپلائي اسڪيمن ۾ پاڻي فراهمي جا بهتر انتظام نه هئڻ تي پاڻي ڪميشن سربراهه، پبلڪ هيلٿ کاتي سميت لاڳاپيل ادارن جي عملدارن کي ڇنڊ پٽي ۽ اسڪيمن جي منظوري سميت بجيٽ جا سمورا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

امير هاني مسلم عملدارن کي چيو ته بار بار نشاندهي ۽ هدايتون ڪرڻ باوجود انتظاميا، پاڻي فراهمي جا بهتر انتظام ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ڇو نه ذميوارن خلاف آرڊر پاس ڪجي؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*