ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي ڌماڪيدار مادو ۽ غير قانوني هٿيار ظاهر ڪرڻ واري ڪيس ۾ 10 لک روپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي ڌماڪيدار مادو ۽ غير قانوني هٿيار ظاهر ڪرڻ واري ڪيس ۾ 10 لک روپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت رائو انوار کي 10 لکن جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

رائو انوار عدالتي حڪم تحت  10 لکن جا مچلڪا جمع ڪرايا آهن، رائو انوار جي نقيب قتل ڪيس ۾ به ضمانت اڳ ۾ منظور ٿي چڪي آهي.

رائو انواز جي وڪيل دليلن ۾ چيو هو ته رائو انوار ۽ ٻين خلاف ڌماڪيدار مادو رکڻ ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي.

عدالت وڪيل جي دليلن بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو، جنهن جو فيصلو اڄ ٻڌائيندي رائو انوار جي 10 لکن عيوض ضمانت منظور ڪئي آهي.

رائو انوار 10 لکن جا مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ رائو انوار جي اڳ ۾ ئي ضمانت منظور ڪري چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*