نواب شاهه ۾ گرفتار پ پ اڳواڻ اسماعيل ڏاهري جي حمايت ۾ ڏاهري برادريءَ پاران اڄ ٻي ڏينمهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نواب شاهه ۾ گرفتار پ پ اڳواڻ اسماعيل ڏاهري جي حمايت ۾ ڏاهري برادريءَ پاران اڄ ٻي ڏينمهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

دولتپور جي ڏاهري برادري جي ماڻهن حافظ نياز احمد، غلام نبي ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب تي علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي هنن چيو ته پ پ اڳواڻ اسماعيل ڏاهري کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس ڪيس جو چالان پيش نه ڪري شڪ کي هٿي وٺرائي رهي آهي.

هنن گهر ڪئي ته اسماعيل ڏاهري تي داخل ڪيل ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*