ڪنڌ ڪوٽ ۾ گهرن تي هٿياربندن جي فائرنگ ۽ چوپايو مال مارڻ خلاف ٽانوري برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڪنڌ ڪوٽ ۾ گهرن تي هٿياربندن جي فائرنگ ۽ چوپايو مال مارڻ خلاف ٽانوري برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ مير واحد بخش بجاراڻي واسي  ٽانوري برادري جي ماڻهن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته ڀيا برادري جي ماڻهن سندن گهرن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ احمد علي شيخ جي گهر ۾ هڪ مينهن مري وئي.

 هنن وڌيڪ چيو ته پوليس جي موجودگي ۾ سندن گهرن تي فائرنگ ڪئي وئي، پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.

هنن ايس ايس پي ڪشمورکان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*