بلوچستان جي علائقي ۾ چمن جي مال روڊ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گاڏي ويجهو ڌماڪي بعد فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا

بلوچستان جي علائقي ۾ چمن جي مال روڊ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گاڏي ويجهو ڌماڪي بعد فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته دڪان ڀرسان بيٺل موٽرسائيڪل ۾ ڌماڪو ٿيو، جيڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو.

چمن جي مال روڊ تي ڌماڪو ٿيو ۽ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي گاڏين جا شيشي ٽٽي پيا.

پوليس موجب، شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته ڌماڪو دڪان ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪل ۾ ٿيو، جيڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو.

پوليس موجب، ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن سبب گاڏي کي نقصان ٿيو.

پوليس موجب، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيوويو، جتي ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ ايف سي جي وڏي نفري پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن ڪيو.

اکين ڏٺل شاهدن جو چون آهي ته ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي گذري رهي هئي، جنهن سبب ويجهي وارين عمارتن جا شيشيا ٽٽي پيا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*