بلاول ڀٽو زرداري جي پنجاب ۾ ڪامياب چونڊ مهم بعد مخالفن جا وات بند ٿي ويا آهن، مولا بخش چانڊيي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي پنجاب ۾ ڪامياب چونڊ مهم بعد مخالفن جا وات بند ٿي ويا آهن، ملتان ۾ پ پ اميدوار جي ريلي تي فائرنگ سياسي بوکلاهٽ جو نتيجو آهي،

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مولا بخش چانڊيي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي پنجاب ۾ ڪامياب چونڊ مهم بعد مخالفن جا وات بند ٿي ويا آهن، ملتان ۾ پ پ اميدوار جي ريلي تي فائرنگ سياسي بوکلاهٽ جو نتيجو آهي،

هن چيو ته پيپلزپارٽي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، ماضي ۾ به پ پ کي سازشن ۽ جبر سان پنجاب ۾ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ  چيو ته بلاول ڀٽو جي ميدان تي لهڻ سان سموريون سازشون ناڪام ٿي ويون آهن.

مولا بخش چانڊيي چيو ته فصل ساڙڻ سان زمين بنجر ناهي ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري ٻيهر ٻج پوکيندو.

هن چيو ته صادق آباد کان ملتان ۽ پنڊي کان قصور تائين بلاول کي بي مثال عوامي موٽ ملي آهي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته هڪ طرف گاريون ڏيندڙ نام نهاد تجربيڪار سياستدان آهن ته ٻئي طرف وري بلاول ڀٽو آهي.

مولا بخش چانڊيي چيو ته عوام گارين واري سياست کي رد ڪري ڇڏيوآهي، ايندڙ دور نظريي واري سياست جو دور آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*