لاهور جي سيشن عدالت اڳوڻي پوليس آفيسر عابد باڪسر جي سنگين نوعيت جي ڪيسن سميت 10 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

لاهور جي سيشن عدالت اڳوڻي پوليس آفيسر عابد باڪسر جي سنگين نوعيت جي ڪيسن سميت 10 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

مختلف ڪيسن ۾ نامزد اڳوڻي پوليس آفيسر عابد باڪسر اڄ اچتو لاهور جي سيشن عدالت ۾ جج رحمت علي جي آڏو پيش ٿيو ۽ ضمانت جي درخواست جمع ڪرائي.

عدالت درخواست تي ٻڌڻي بعد عابد باڪسر جي قتل جي ٽن ۽ ڦر جي ٻن وارداتن  سميت مجموعي طور 10 ڪيسن ۾ هڪ لک رپيا مچلڪا جمع ڪرائڻ بعد ضمانت منظور ڪري ورتي .

عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته عابد باڪسر کي 4 آگسٽ تائين گرفتار نه ڪيو وڃي.

واضح رهي ته عابد باڪسر خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾  ڪيس  هلي رهيو آهي ۽ عدالت کيس 27  جولاءِ تائين طلب ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*