جسمم جي کنڀيل اڳواڻ روشن بروهي جو لاش ڪراچي بن قاسم ٿاڻي جي حد مان مليو

جيئي سنڌ متحده محاذ جسمم جي لاڙڪاڻي مان کنڀيل اڳواڻ روشن علي بروهي جو لاش ڪراچي جي بن قاسم ٿاڻي جي حد مان هٿ آيو آهي.

روشن علي بروهي کي 12 ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي مان کنڀيو ويو هو، جنهن جو لاش اڄ پراڻي قومي شاهراهه تان بن قاسم ٽائون ٿاڻي جي حد مان هٿ آيو.

روشن علي بروهي جي لاش کي جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

روشن علي بروهي جسمم ضلعي لاڙڪاڻي جو سرگرم اڳواڻ هو، سندس گمشدگي خلاف ٻارنهن ڏينهن تائين احتجاج ٿيندا رهيا، جنهن کانپوءِ اڄ سندس لاش هٿ اچڻ تي سندس وارثن هنجون هاري رهيا آهن، جڏهن ته جسمم پاران سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*