اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پولنگ عملي ۽ سڪيورٽي عملي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پولنگ عملي ۽ سڪيورٽي عملي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا،

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عام چونڊن دوران سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جا 16 لک عملدار مقرر هوندا، 3لک 71 هزار فوجي جوان اليڪشن ۾ ڊيوٽيون ڪندا، 4لک 49 هزار 465 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، پولنگ دوران 2 اهلڪار اندر ۽ 2 ٻاهران ڊيوٽي ڪندا،

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پولنگ عملي ۽ سڪيورٽي عملي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 16 لک پولنگ عملو ڊيوٽيون سرانجام ڏيندو.

سڄي ملڪ ۾ 85 هزار 307 پيزائڊنگ آفيسر، 5 لک 10 هزار 356 اسسٽنٽ پيزائڊنگ آفيسر ۽ 2 لک 55 هزار 178 پولنگ آفيسر ڊيوٽون سرانجام ڏيندا.

پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ 48  هزار 610 پريزائيڊنگ آفيسر، 2 لک 81 هزار 62 اسسٽنٽ پريزائڊنگ آفيسر، هڪ لک 40 هزار 534 پولنگ مقرر ڪيا ويندا.

سنڌ ۾ 17 هزار 747 پرزائڊنگ آفيسر ، هڪ لک 22 هزار 204 اسسٽنٽ پرزائڊنگ آفيسر، 61 هزار 102 پولنگ آفيسر ڊيوٽيون ڪندا.

ڪي پي ۽ فاٽا ۾ 14 هزار 530 پرزائڊنگ آفيسر، 83 هزار 692 اسٽنٽ پرزائڊنگ آفيسر، 41 هزار 846 پولنگ آفيسر خدمتون سرانجام ڏيندا.

بلوچستان ۾ 4 هزار 420 پرزائڊنگ آفيسر، 23 هزار 398 اسسٽنٽ پزائڊنگ آفيسر ۽ 11 هزار 699 پولنگ آفيسر مقرر ڪيا ويندا.

سڄي ملڪ ۾ 131 ڊي آر اوز مقرر ڪيا ويندا، قومي اسيمبلي لاءِ 272  آر اوز، 6 سئو اي آر اوز مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته صوبائي اسيمبلين لاءِ 577 ريٽرننگ آفيسر، 1140 اي آر اوز مقرر ڪيا ويندا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*