اليڪشن ڪميشن چونڊ نتيجا جاري ڪرڻ بابت پرزائيڊنگ آفيسرن کي هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن چونڊ نتيجا جاري ڪرڻ بابت پرزائيڊنگ آفيسرن کي هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا پرزائيڊنگ آفيسر ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ فارم 45 تيار ڪندا، جنهن ۾ اميدوارن کي ملندڙ ووٽن جا تفصيل داخل هوندا، بچي ويل بيلٽ پيپرز جا تفصيل فارم 46 ۾ داخل ڪيا ويندا.

اليڪشن ڪميشن چونڊ نتيجا جاري ڪرڻ بابت پرزائيڊنگ آفيسرن کي هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جاري ڪيل هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته سمورا پرزائيڊنگ آفيسر ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ فارم 45 تيار ڪندا، جنهن ۾ اميدوارن کي ملندڙ ووٽن جا تفصيل داخل هوندا،

اليڪشن ڪميشن موجب، بچي ويل بيلٽ پيپرز جا تفصيل فارم 46 ۾ داخل ڪيا ويندا.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل هدايت نامي موجب، ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نتيجن جي تصديق ٿيل ڪاپي اميدوارن کي موقعي تي ئي جاري ڪئي ويندي،

اليڪشن ڪميشن موجب، نتيجن جي ڪاپي اتي موجود پولنگ ايجنٽ کي به ڏئي سگهجي ٿي.

 اليڪشن ڪميشن طرفان هدايت ڪئي وئي آهي ته نتيجن جي تياري لاءِ پرزائيڊنگ آفيسر اميدوارن ۽ سندن ايجنٽس کي لکت نوٽيس به جاري ڪندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*