ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ  هر ممڪن وسيلا ڪتب آندا وڃن،شهباز شريف

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو  آهي ته  ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ  هر ممڪن وسيلا ڪتب آندا وڃن، جيڪڏهن شفاف چونڊون ٿيون ته پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهينداسين، نگران حڪومت پي ٽي آءِ جي حڪمن تي هلي رهي آهي، نواز شريف جي آمد تي ن ليگ جا سوين اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ٿيا، پي ٽي آءِ جي چوڻ تي اسان خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا،

 پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو  ته  ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ  هر ممڪن وسيلا ڪتب آندا وڃن،

هن چيو ته جيڪڏهن شفاف چونڊون ٿيون ته پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهينداسين،

مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته نگران حڪومت پي ٽي آءِ جي حڪمن تي هلي رهي آهي، نواز شريف جي آمد تي ن ليگ جا سوين اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ٿيا،

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي چوڻ تي اسان خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا، پنجاب جي نگران حڪومت به پي ٽي آءِ جي ونگارو بڻيل آهي،

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته اسان تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن خاموش تماشائي بڻيل رهيو،

هن چيو ته عمران خان جي جلسن ۾ ڪرسيون خالي هونديون آهن، هن خيبرپختونخواهه ۾ ڪي به روڊ رستا نه ٺاهيا آهن،

شهباز شريف چيو ته هو عمران خان کي بهتان خان ان ڪري چوندو آهي جو هو الزام لڳائيندو رهندو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*