جرمني جي نجي ڪمپني جو جهاز فرانس جي ڏاکڻي علائقي ۾ ڪري تباهه ، 48 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا

جرمني جي نجي ڪمپني جو جهاز فرانس جي ڏاکڻي علائقي ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، حادثي ۾ عملي جي 6 ڄڻن سميت هڪ سئو 48 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب جرمني جي نجي ڪمپني جو اي ٿِري ٽو زيرو ڪري تباهه ٿي ويو.

حادثي کان فوري بعد امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آهن.

اختيارين جو چوڻ آهي ته مسافر جهاز فرانس کان اسپين جي شهر بارسلونا وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿيو جڏهن ته حادثي جو ڪارڻ في الحال معلوم ناهي ٿي سگهيو.

رپورٽس موجب جهاز جو ملبو ڏکڻ فرانس جي هڪ ڳوٺ ۾ ڏٺو ويو آهي، جنهن بعد ٽيمن پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

حادثي کانپوءِ فرانس جي صدر فرانسوا اولاند هنگامي پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته لڳي ٿو ته حادثي ۾ ڪوبه ماڻهو زنده بچي نه سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*