عام چونڊن ۾ باقي 3 ڏينهن بچيا آهن، انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ وارو عمل جاري آهي

عام چونڊن ۾ باقي 3 ڏينهن بچيا آهن، انتظامن کي حتمي شڪل ڏيڻ وارو عمل جاري آهي، اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو ڪم مڪمل ڪري ورتو، ترجمان جو چوڻ آهي ته 22 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ڇپايا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب، عام چونڊن لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو عمل مڪمل ٿي ويو آهي.

ترجمان موجب، خيبرپختونخواهه، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ بيلٽ پيپرز سخت سڪيورٽي هيٺ پهچايا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن موجب ڪراچي لاءِ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن، جن جي منتقلي جو عمل اڄ کان شروع ٿيندو.

هوڏانهن اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ ووٽنگ جو طريقيڪار به واضح ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن ووٽنگ جو طريقو واضح ڪندي چيو ته، قومي اسيمبلي لاءِ سائي ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ اڇي رنگ جو بيلٽ پيپر هوندو.

اليڪشن ڪميشن موجب، ووٽر جي نالي تي سِڌي لڪير ڏيڻ بعد ڪائونٽر فائلر تي ووٽر جي آڱوٺي جو نشان لڳايو ويندو، پرزائيڊنگ آفيسر جي صحيح بعد سائي ۽ اڇي رنگ جا بيلٽ پيپرز ووٽر کي ڏنا ويندا.

اليڪشن ڪميشن موجب، ووٽر اسڪرين پسند جي اميدوار جي نشان تي مُهر لڳائيندو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*