فيصل آباد ۾ قومي ۽ صوبائي تڪن تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندڙ اميدوار گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪري ڇڏيو

فيصل آباد ۾ قومي ۽ صوبائي تڪن تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندڙ اميدوار گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ٻنهي تڪن تي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

فيصل آباد جي قومي تڪ اين اي 103 ۽ پي پي 103 جي آزاد اميدوار محمد احمد مغل پٽن سان جهيڙي کانپوءِ پسٽل جا فائر ڪري آنت آڻي ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي اميدوار جو لاش کڻائي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو  ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته محمد احمد مغل پٽن سان جهيڙي کانپوءِ وڊيو رڪارڊنگ دوران پاڻ تي فائر ڪيو.

هوڏانهن اليڪشن ڪميشن محمد احمد مغل جي آپگهات کانپوءِ اين اي 103 ۽ پي پي 103 تي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*