پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ اڄ ننگرپارڪر ۾ جلسي کي خطاب ڪندو

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ اڄ ننگرپارڪر ۾ جلسي کي خطاب ڪندو، پ پ پاران جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهي، جڏهن ته ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي هلڪي برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

الڪيشن مهم جي آخري ڏينهن تي پ پ اڄ ننگرپارڪر ۾ سياسي قوت جو مظاهري ڪري رهي آهي، جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو.

پ پ پاران جلسي جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

جلسي ۾ شرڪت لاءِ پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي پهچڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي.

ٻي طرف ننگرپارڪر ۽ ڀرپاسي ۾ وقفي وقفي سان هلڪي ھلڪي برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*