نئين ديري ۾ پاڻي کوٽ خلاف مختلف واهن جي آبادگارن ۽ ڀٽو اسٽيٽ جي هارين سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو

نئين ديري ۾ پاڻي کوٽ خلاف مختلف واهن جي آبادگارن ۽ ڀٽو اسٽيٽ جي هارين سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو.

ڀٽو اسٽيٽ جي هارين ۽ مختلف شاخن جي آبادگارن هٿن ۾ سُڪل ٻيجارو کڻي ڳوٺ پنجو ديرو وٽ سکر – لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

 آبادگارن جي احتجاج سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

 ان موقعي تي ڪمدار روشن ناريجو، رفيق انصاري۽ ٻين چيوته خانواھ، مير واھ، سارنگ واھ ۽ ٻين واهن ۾ پاڻي کوٽ سبب هزارين ايڪڙن تي فصل سڪي رهيا آھن.

 هنن وڌيڪ چيو ته واهن ۾پاڻي 14 فوٽ بدران  11 فوٽ ڇڏيو ويو آھي، جنهن ڪري لکين رپين جو ساريالو ٻيجارو ۽ ڪمند سڪي سڙي ويو آھي.

 هنن چيو ته آبپاشي کاتي جو انجنيئر ڄاڻي واڻي گهٽ پاڻي ڏئي ڪرپشن ڪري رهيو آھي.

هنن مطالبو ڪيو ته واهن ۾ پورو پاڻي ڏئي آبادگارن کي معاشي بدحالي کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*