موجوده اليڪشن ۾ ڌانڌلي جا امڪان گهٽ آهن, ڊاڪٽر عاصم حسين

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ 17 ارب ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي جج جي موڪل تي هئڻ سبب 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي،عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته موجوده اليڪشن ۾ ڌانڌلي جا امڪان گهٽ آهن.

هن چيو ته هر عزتدار ماڻهو کي نيب کي منهن ڏيڻو پوندو، اميد آهي ته چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته ٻيهر به سنڌ ۾ پ پ  جي حڪومت ٺهندي، مان مجبوري سبب گهرواري سان گڏ علاج ڪرائڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهيان.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*