اليڪشن ڪميشن، چونڊ مهم دوران گٿا لفظ استعمال  ڪرڻ تي مولانا فضل الرحمان، اياز صادق کي نوٽيس جاري ڪندي پرويز خٽڪ جي  ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن فيصلي سان مشروط ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن، چونڊ مهم دوران گٿا لفظ استعمال  ڪرڻ تي مولانا فضل الرحمان، اياز صادق کي نوٽيس جاري ڪندي پرويز خٽڪ جي  ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن فيصلي سان مشروط ڪري ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پرويز خٽڪ جا لفظ کل جوڳا نه پر روئڻ جوڳا آهن، اهڙي قسم جي ٻولي جي ڪنهن کي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ چار رڪني ڪميشن ٻڌڻي ڪئي، مولانا فضل الرحمان، اياز صادق ۽ پرويز خٽڪ پيش نه ٿيا.

ٻڌڻي دوران قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جي وڪيل لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندي خاطري ڪرائي ته سندس اصل مستقبل ۾ اهڙي قسم جي ٻولي نه ڳالهائيندو.

چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته اياز صادق قومي اسيمبلي جو اسپيڪر رهي چڪو آهي، کيس اهڙي قسم جي ٻولي سونهي نٿي.

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو، جنهن کي 9 آگسٽ تائين مهلت ڏني وئي.

خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جي وڪيل لکت ۾ جواب جمع ڪرايو، جنهن کي چيف اليڪشن ڪمشنر رد ڪندي مٿس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس م چيو ته پرويز خٽڪ جي ٻوليءَ کل جوڳي نه پر روئڻ جوڳي آهي، ڪنهن کي به اهڙي قسم جي استعمال جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پرويز خٽڪ ڀلي عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿي وڃي، پر سندس ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن انهيءَ ڪيس جي فيصلي سان مشروط هوندو.

اليڪشن ڪميشن سياسي اڳواڻن کي 9 آگسٽ تائين تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته مولانا فضل الرحمان، اياز صادق ۽ پرويز خٽڪ چونڊ مهم دوران مخالفن بابت گٿا لفظ ڳالهايا هئا، جنهن جو اليڪشن ڪميشن پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان به مخالفن خلا ف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي اليڪشن ڪميشن کان غير مشروط معافي وٺي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*