اڊيالا جيل ۾ قيد نواز شريف ۽ مريم نواز سان وڪيلن جي ٽيم اڄ ملاقات ڪري رهي آهي

اڊيالا جيل ۾ قيد نواز شريف ۽ مريم نواز سان وڪيلن جي ٽيم اڄ ملاقات ڪري رهي آهي، سزا خلاف اپيلن تي قانوني مشاورت ڪئي ويندي.

خواجه حارث ۽ امجد پرويز تي ٻڌل قانوني ٽيم اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل پهتل آهي.

قانوني ٽيم نواز شريف ۽ مريم نواز سان ملاقات دوران نيب ريفرنسز ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سزا خلاف داخل اپيلن تي صلاح مشوا ڪندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ مريم جي وڪيلن گذريل ڏينهن اڊيالا جيل انتظاميا کي خط لکي جوابدارن سان ملاقات جي اجازت گهري هئي.

اڊيالا جيل اختيارين نواز شريف، مريم نواز  ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي وڪيل کي ملاقات جي اڃا تائين اجازت ناهي ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*