پ پ سينيٽر رضا رباني ۽ اپوزيشن ليڊر شيري رحمان عام چونڊن  ۾ ڪالعدم تنظيمن کي حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن

پ پ سينيٽر رضا رباني ۽ اپوزيشن ليڊر شيري رحمان عام چونڊن  ۾ ڪالعدم تنظيمن کي حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن،

رضا رباني چيو آهي ته، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته آئين ۽ قانون جي ڪهڙين شِقن تحت پابندي پيل تنظيمن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي، شيري رحمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ڪهڙي طوفان ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، عوام ڊنل آهي، ٻڌايو وڃي ته اليڪشن واري ڏينهن ڪنهن جو حڪم هلندو؟

سينيٽ اجلاس دوران ڳالهائيندي رضا رباني سوال ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن پابندي پيل تنظيمن جي 250اميدوارن جو رڪارڊ گهُرايو آهي؟، آئين ۽ قانون جي ڪهڙين شِقن تحت پابندي پيل تنظيمن کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي.

هن چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته نگران گهرو وزير پنجاب ۾ پابندي پيل تنطيمن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي.

رضا رباني چيو ته ٻن وڏين سياسي پارٽين کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، نيب احتساب جو ادارو آهي، پر ان کي سياسي ايجنڊا هلائڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

رضا رباني چيو ته نواز شريف جي ڏيهه آمد دوران ن ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي.

هن سوال ڪيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن کي نواز ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ مٿن دهشتگردي ايڪٽ جا ڪيس داخل ڪرڻ وارو عمل نظر نه اچي رهيو آهي؟

رضا رباني چيو ته اليڪشن ڪميشن جا عملدار ان وقت ڪٿي هئا،جڏهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڪراچي ۾ ريلي جي اجازت نه ڏني وئي.

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شيري رحمان چيو ته پاڪستان کي ڪهڙي طوفان ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، عوام ڪالعدم تنظيمن کي ڪيئن رد ڪندو؟.

هن چيو ته جمهوري طاقتون انتهاپسندن کي چونڊي ايوانن ۾ ناهن آڻينديون، عوام ڊپ کان ڪجهه چئي نه سگهندو، ٻڌايو وڃي پولنگ واري ڏينهن ڪنهن جو حڪم هلندو؟.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*