غوثپور ۾ ٽن ڳوٺاڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ گهرن تي فائرنگ ڪرڻ خلاف ٽانوري برادري جي ماڻهن ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو

غوثپور ۾ ٽن ڳوٺاڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ گهرن تي فائرنگ ڪرڻ خلاف ٽانوري برادري جي ماڻهن ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ واحد بخش بجاراڻي واسي  ٽانوري برادري جي ماڻهن محمد صلاح، جمال الدين، عريز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

  ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس 3سال اڳ ھٿياربندن ھٿان قتل ڪيل سندن ٽن ڄڻن ڪمال، ڪريم بخش۽محمد عالم جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

هنن چيو ته ڀيا برادري جي ھٿياربندن ڳوٺ تي حملا ڪري 3ڳوٺاڻا قتل ڪري ڇڏيا، هاڻي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ گھرن تي فائرنگ ڪن ٿا.

هنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي،  ٻي صورت ۾ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*