فيض گنج ڀرسان پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر جي ڪارنر گڏجاڻي بد نظميءَ جو شڪار ٿي وئي

فيض گنج ڀرسان پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر جي ڪارنر گڏجاڻي بد نظميءَ جو شڪار ٿي وئي، اسٽيج تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندڙ پارٽي ڪارڪنن کي تقريب انتظاميه  ڌڪا ڏنا، مڪون هنيون  ڪيترائي ڪارڪن  اسٽيج تان هيٺ به ڪري پيا.

  پي ايس 29 تي پ پ  اميدوار شيراز شوڪت راڄپر پاران ڪرونڊي ۾ رهائش گاهه تي  ڪارنر گڏجاڻي جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ فريال ٽالپر کي خاص شرڪت جي دعوت ڏني وئي، ڪارنر گڏجاڻي ۾ فريال ٽالپر کانسواءِ خيرپور جي پ پ اميدوارن سيده نفيسه شاهه، فضل شاهه جيلاني، ساجدٻانڀڻ ۽ ٻيا مک اڳواڻ به شريڪ ٿيا.

 رپورٽ موجب ڪارنر گڏجاڻي ۾ ان وقت انتهائي بد نظمي ٿي وئي جنهن وقت فريال ٽالپر جي پهچڻ تي ڪارڪنن ساڻس ملڻ جي ڪوشش ڪندي اسٽيج تي مٿي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي.

 ڪارڪنن جي اسٽيج تي چڙهڻ تي  تقريب انتظاميا ڪارڪنن کي ڌڪا ڏنا ۽ مڪون هنيون جنهن تي ڪارڪنن ۽ انتظاميه ۾ چڪريون شروع ٿي ويون.

انتظاميه ۽ ڪارڪنن ۾چڪرين  جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڪارڪن اسٽيج تان هيٺ ڪري پيا، جنهن بعد اڳواڻن مداخلت ڪري معاملي کي ختم ڪرائي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*