بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ڪومل سهتو ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي وئي

بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي ڪومل سهتو ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هارائي وئي، سندس تدفين نوشهروفيورز ويجهو اباڻي ڳوٺ ملڻ سهتو ۾ اڄ شام ڪئي ويندي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شاگردياڻي جي والده چيو ته سندس ڌيءَ ڪومل ڪافي وقت کان بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا هئي، سنڌ حڪومت سميت وس وارن کي ڌيءَ جي علاج لاءِ مدد جي اپيل ڪئي پر ڪنهن به اسان جي مدد نه ڪئي.

شاگردياڻي جي والده چيو ته ميڊيا تي ڪافي رپورٽون هلڻ باوجود سنڌ حڪومت جي صحت کاتي ڪو به نوٽيس نه ورتو، اسان مجبور ٿي ڌيءَ ڪومل کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪرايو.

هن چيو ته ڊاڪٽرن ڌيءَ ڪومل جو علاج ٻاهرين ملڪ مان ڪرائڻ جو مشورو ڏنو، جنهن تي 50 کان 60 لک وپين خرچ اچي رهيو هو، غريب هئڻ ڪري ڌيءَ جو علاج ٻاهرين ملڪ مان ڪرائي نه سگهياسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*