دولتپور صفن ڀرسان ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت، ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

 دولتپور صفن ڀرسان ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت، ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

 قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب موٽرسائيڪل ۽ ٽرالر گاڏي ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل   سوار  45 ورهين جي ڪريمان زرداري ٿڏي تي دم ڏنو جڏهن ته سندس مڙس پيربخش زرداري ۽ ٻه ٻار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو.

 ٻئي طرف ضروري ڪارروائي کان پوءِ فوتي عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*