ملڪ ۾ چونڊ مهم جا آخري 3 ڏينهن رهجي وڃڻ ڪري سياسي جماعتن چونڊ جلسن، ريليز ۽ ڪارنر گڏجاڻين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي

ملڪ ۾ چونڊ مهم جا آخري 3 ڏينهن رهجي وڃڻ ڪري سياسي جماعتن چونڊ جلسن، ريليز ۽ ڪارنر گڏجاڻين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي.

نـُون ليگ جو جلسو اڄ سرگوڌا ۾ ٿي رهيو آهي، شهباز شريف ۽ ٻيا خطاب ڪندا، جلسي گاهه ۾ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان اڄ ڪرڪ ۽ بنون ۾ چونڊ جلسن کي خطاب ڪري رهيو آهي، جلسن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

متحده مجلس عمل اڄ مانسهره ۾ سياسي سگهه جو ڀرپور مظاهرو ڪري رهي آهي، مولانا فضل الرحمان، سراج الحق ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*