ڀارتي حڪومت مشهور اداڪار ششي ڪپور کي ڀارتي سينيما جو سڀ کان وڏو ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڀارتي حڪومت مشهور فلمي اداڪار ۽ پروڊيوسر ششي ڪپور لاءِ ڀارتي سينيما جو سڀ کان وڏو دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي،ان کان اڳ سندس والد پرٿوي راج ڪپور ۽ سندس وڏي ڀاءُ راج ڪپور کي به انهيءَ ايوارڊ سان نوازيو ويو.

ششي ڪپور جي ڀائٽي ۽ مشهور اداڪار رشي ڪپور چيو آهي ته هو ڪپور خاندان جو ٽيون ماڻهو آهي جنهن کي اهو ايوارڊ مليو آهي.

سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي خاندان پاران ڀارتي حڪومت ۽ ڀارتي عوام جو ٿورائتو آهي جنهن سندن ايترو پيار ڏنو.

فلم ديوار ششي ڪپور جو ڊائلاگ ميري پاس مان هي اڄ به مشهور آهي ان فلم ۾ ششي ڪپور سان گڏ اميتاڀ بچن به ڪم ڪيو ۽ ٻنهي جي جوڙي کي تمام پسند ڪيو ويو.

اداڪاري سان گڏ ششي ڪپور ڪيتريون ئي فلمون به ٺاهيون جن ۾ فلم جذبه، ڪليُگ، جشن ۽ فاتح شامل آهن،فلم جذبه کي 1978 ۾ بهترين هندي فلم جو قومي ايوارڊ به ملي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*