کيرٿر جي جابلو پٽي تي ٽن ڏينهن کان برسات جو سلسلو جاري آهي

کيرٿر جي جابلو پٽي تي ٽن ڏينهن کان برسات جو سلسلو جاري آهي، وسڪاري کانپوءِ نئين گاج وهي اچڻ جي سبب جوهي-واهي روڊ جو ڪجهه حصو لڙهي ويو آهي.

کيرٿر جي جابلو پٽي تي برسات کانپوءِ نئين گاج جي وهڪري ڳوٺ شفيع محمد لنڊ وٽ جوهي-واهي روڊ جو ڪجهه حصو لڙهي ڇڏيو.

روڊ جو ڪجهه حصو لڙهي وڃڻ کانپوءِ گورک ۽ واهي پانڌي سميت ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو جوهي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، جنهن کانپوءِ گورک جي سياحن کي به پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

علائقي واسين ۽ گورک جي سياحن اختيارين کي فوري طور تي زميني رابطو بحال ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*