خيرپور ۾ گهر اندر پستول صاف ڪندي  اوچتو فائر ٿيڻ جي نتيجي ۾ انٽر ڪلاس جي شاگردياڻي فوت ٿي وئي

خيرپور ۾ گهر اندر پستول صاف ڪندي  اوچتو فائر ٿيڻ جي نتيجي ۾ انٽر ڪلاس جي شاگردياڻي فوت ٿي وئي، علائقي ۾ چوٻول آهن ته ناري کي قتل ڪري اتفاقي موت جو ڊرامو ٺاهيو ويو آهي.

اوستا گاهي محلي ۾ گهر اندر پستول صاف ڪندي 18 ورهين جي افشان موريجو فوت ٿي وئي.

 فوت ٿيل ناري جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته افشان موريجو والد جو پستول صاف ڪري رهي هئي ته اوچتو گولي فائر ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ناري ٿڏي تي دم ڏئي ڇڏيو، پوسٽ مارٽم لاءِ لاش  سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 هوڏانهن ناري کي قتل  ڪرڻ جا به چوٻول آهن، علائقي ۾ چوٻول آهن ته  ناري کي قتل ڪري اتفاقي موت جو ڊارمو ٺاهيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم  رپورٽ اچڻ تائين ڪجهه به   چئي نه ٿو سگهجي ….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*