ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوار جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي واري واقعي جو ڪيس آزاد اميدوار جان محمد رند سميت 12 ڄڻن خلاف سائيٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو

ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ۽ آزاد اميدوار جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي واري واقعي جو ڪيس آزاد اميدوار جان محمد رند سميت 12 ڄڻن خلاف سائيٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.

پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد آزاد اميدوار جان محمد رند سميت سندس 7 حامين ۽ پي ٽي آءِ جي ٻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

گذريل رات ڌڻي بخش ڳوٺ ۾ چونڊ مهم دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ آزاد اميدوار جان محمد رند جي حامين ۾جهيڙو ٿي پيو هو، جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب آزاد اميدوار جان محمد رند سميت 8 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.

ايس ايس ملير منير شيخ چيو ته جهيڙي واري واقعي جو ڪيس ٻنهي ڌرين جي 12 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو، جن ۾  آزاد اميدوار جان محمد رند سميت سندس 7 حامي ۽ پي ٽي آءِ جا 5 ڪارڪن شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*