گڊو بئراج وٽ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي جي شديد کوٽ برقرار هئڻ باوجود ريڻي ڪئنال ذريعي پنجاب کي پاڻي ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي

گڊو بئراج وٽ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي جي شديد کوٽ برقرار هئڻ باوجود ريڻي ڪئنال ذريعي پنجاب کي پاڻي ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي.

  آبپاشي کاتي جي ڏنل انگ اکرن موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 46 ھزار ۽ ھيٺانھون وھڪرو هڪ لک 6 ھزار ڪيوسڪ آهي.

 پاڻي جي کوٽ برقرار ھجڻ سبب سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ساريالو ٻيجارو ۽فصل پوکي نه ٿي سگهيو آهي.

 جڏهن ته برسات يا ٻوڏ واري صورتحال ۾ اضافي پاڻي ضايع ڪرڻ لاءِ گڊو بئراج جي پيٽ مان نڪرندڙ ريڻي ڪئنال ذريعي پنجاب جي زميندارن کي پاڻي ڏنو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*