لاهور جِي احتساب عدالت آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪندي کيس نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي

لاهور جِي احتساب عدالت آشيانه هائوسنگ اسڪيم اسڪينڊل ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪندي کيس نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

نيب اڳوڻي وزير اعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن دروان سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته جوابدار کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي.

نيب پراسڪيوٽر جوابدار فواد حسن فواد جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ جي استدعا ڪئي، جيڪا احتساب عدالت منظور ڪري ورتي.

عدالت فواد حسن فواد جي جسماني رمانڊ ۾ 14 ڏينهن واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*