ڪراچي جي فريئر پوليس ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

ڪراچي جي فريئر پوليس ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب جوابدارن ۾ فراز ڇوٽا، يوسف خان ۽ پرويز اقبال شامل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن وٽان آرام باغ واري علائقي مان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ۽ گهڙيون هٿ ڪيون ويون آهن.

پوليس عملدارن وڌيڪ چيو ته جوابدار گهرن مان چوريون ڪرڻ سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*