ٺاروشاهه ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ شهرين روڊ جو مرمت ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي چونڊن ۾ ووٽ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي

ٺاروشاهه ۾ ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ شهرين روڊ جو مرمت ڪم نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪندي چونڊن ۾ ووٽ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.

 ٺارو شاهه کان نوشهروفيروز لنڪ روڊ اکڙي وڃڻ خلاف ڊرائيورن ۽ شهرين جي وڏي انگ ماسٽر چندر چوڪ کان ايس يو پي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي زورادر نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن اسد شاهه، لياقت سولنگي، دائود بالادي ۽ ٻين ٻڌايو آهي ته لنڪ روڊ جي حالت خراب آهي، کڏا پوڻ ڪري گاڏيون تباهه ٿي ويون آهن ۽ روڊ حادثا به روز جو معمول بڻيل آهن.

 هنن روڊ جي مرمت جو ڪم نه ٿيڻ تي 25 جولاءِ تي چوندن ۾ ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته روڊ تعمير ٿيڻ تائين ڪو اميدوار ووٽ وٺڻ لاءِ نه اچي.

 هنن چيو ته روڊ ٺهڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*