ملڪي صورتحال جي 50 سيڪڙو عدليه ۽ باقي 50 سيڪڙو ٻين ادارن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي،جسٽس شوڪت عزيز صديقي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته ملڪي صورتحال جي 50 سيڪڙو عدليه ۽ باقي 50 سيڪڙو ٻين ادارن تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، ججز تي الزام مڙهيندڙ ثبوت پيش ڪن.

راولپنڊي بار کي خطاب ڪندي جسٽس شوڪت عزيز چيو ته چيو ويندو آهي ته هيءَ اهي جج آهن جن تي ڪرپشن جا الزام آهن، ڪرپشن ۾ ملوث ججز نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهن.

جسٽس شوڪت عزيز چيو ته ڪجهه وڪيل ان سان واڳيل ريمارڪس کي غلط رنگ ڏئي ميڊيا تي واويلا ڪندا آهن، هو کين دعوت ڏئي ٿو ته اچي ٽڪي جي ڪرپشن ثابت ڪري ڏيکارين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*