پشاور جَي باچا خان ايئرپورٽ تي پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ جي نتيجي ۾ پائليٽ سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پشاور جَي باچا خان ايئرپورٽ تي پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ جي نتيجي ۾ پائليٽ سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سول ايوي ايشن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب، پاڪ فوج جي ريسڪيو هيليڪاپٽر کي فني خرابي سبب پشاور جي باچا خان ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هنگامي لينڊنگ دوران هيليڪاپٽر ۾ موجود 4 عملدارن مان 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته هيليڪاپٽر کي باهه لڳي وئي.

ايئرپورٽ سڪيورٽي فورسز ۽ فائر برگيڊ  عملي پهچي هيليڪاپٽر کي لڳل باهه تي ضابطو آندو، جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن سول ايوي ايشن ايئرپورٽ تي ايمرجنسي لاڳو ڪندي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*