ڪراچي جي دهشتگرديءَ جي خاتمي جي عدالت ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي ضمانت ڏيڻ جي حڪمن تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ رائو انوار کي آزاد ڪيو ويو

ڪراچي جي دهشتگرديءَ جي خاتمي جي عدالت ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي ضمانت ڏيڻ جي حڪمن تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ رائو انوار کي آزاد ڪيو ويو.

نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار معطل ايس ايس پي رائو انوار جي هٿ ٺوڪئي پوليس مقابلي، ڌماڪيدارمواد رکڻ  ۽ غير قانوني  هٿيار ڪيس ۾ ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.

دهشتگردي جي خاتمي جي عدالت  جوابدار جي هڪ ضمانت 10 ۽ ٻئي 20 جولائي تي منظور ڪئي هئي، جڏهن ته 10،10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا ويا.

عدالت جي جج جي صحيحن کانپوءِ جيل انتظاميا رائو انوار جي آزادي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ سندس گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ وارا حڪم به واپس ورتا ويا آهن.

عدالت پاران رائو انوار کي جيل موڪلڻ جا حڪم جاري ڪرڻ کانپوءِ گهرو کاتي ان جي گهر کي ئي سب جيل قرار ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*