وفاقي گهرو وزارت ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي گرفتاري لاءِ ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

وفاقي گهرو وزارت ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جي گرفتاري لاءِ ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايف آءِ اي انٽرپول اختيارين کي خط لکي سهڪار جي اپيل ڪئي آهي.

ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري وفاقي گهرو وزارت نيب جي درخواست تي ڏني.

گهرو وزارت جي منظوري کانپوءِ ايف آءِ اي انٽر پول کي خط جوابدار جي گرفتاري لاءِ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

14 جولاءِ تي اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو هو ته اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ انٽرپول کي درخواست سان گڏ اڳوڻي ناڻي واري وزير جي ملڪيت ضبط ڪرڻ وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

ريڊ وارنٽ ڪڏهن جاري ڪيا ويندا، ان جو حتمي فيصلو انٽرپول کي ڪرڻو آهي.

واضح رهي ته عدالت هدايت ڪئي هئي ته گهرو وزارت اسحاق ڊار جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ واري معاملي جي پيروي ڪندي رهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*