پنجاب جي مختلف شهرن ۾ رينجرز جي سرچ آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، آءِ ايس پي آر

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ رينجرز جي سرچ آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، آءِ ايس پي آر موجب، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، اٽڪ، سيالڪوٽ، لاهور، قصور، فيصل آباد، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ ڊي جي خان ۾ آپريشن ڪيا ويا.

آءِ ايس پي آر موجب، پنجاب رينجرز آپريشن دوران شڪ جي بنياد تي ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ورتو .

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته شڪ جي بنياد تي گرفتار ماڻهن مان ڪجهه ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث جوابدار به شامل آهن، جن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*