نون ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق تحريڪ انصاف جي چونڊ مهم تي ٿيندڙ خرچ جي جاچ مطالبو ڪندي چيو آهي ته قوم گارين واري سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي

نون ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق تحريڪ انصاف جي چونڊ مهم تي ٿيندڙ خرچ جي جاچ مطالبو ڪندي چيو آهي ته قوم گارين واري سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان شڪست لاءِ تيار رهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته ن ليگ کي پنج سال ڪم کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر عوام جي مدد سان سموريون سازشون ناڪام ٿي ويون.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن سندن اليڪشن ڪئمپس تي حملا ڪرڻ سان گڏو گڏ وڳوڙ پکيڙڻ جي سازش ڪري رهيا آهن.

خواجه سعد رفيق چيو ته اليڪشن مهم هاڻي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، پي ٽي آءِ قيادت ڪارڪنن کي وڳوڙ کان روڪي.

سندس چوڻ هو ته گارين جي سياست ڪجهه ناهي ڏيندي، نظرياتي ڪارڪنن اڳيان عمران ايڪسپوزر ٿي چڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*