ايف آءِ اي  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو آهي

 ايف آءِ اي  مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي روپوش قرار ڏئي ڇڏيو آهي.مقامي عدالت ۾ ڪيس جو عبوري چالان پيش ڪيو ويو، ڪيس ۾ خانگي بينڪ جي چيئرمين سميت روپوش جوابدارن ۾ 20 ڄڻن جا نالا شامل ڪيا ويا آهن.

ڪيس ۾ شامل جوابدارن تي اربين رپين جي مني لانڊرنگ جو الزام آهي،جڏهن ته لسٽ ۾ زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جا نالا 19هين ۽ 20هين نمبر تي موجود آهن.

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ روپوش قرار ڏنل جوابدارن ۾ انور مجيد ۽ سندس پٽ جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن.

ايف آئي اي وٽ حسين لوائي سميت 32 ماڻهن خلاف بي نامي اڪائونٽس جي جاچ جاري آهي،انهن اڪائونٽس جي ذريعي مبينا طور تي اربين رپين جي ڏيتي ليتي ڪئي وئي.

ايف آئي اي جي ذريعن مطابق هي اڪائونٽس 2014 ۾ ڪجهه مهينن لاءِ کوليا ويا هئا،انهن اڪائونٽس جي جاچ 2015 ۾ شروع ڪئي وئي ۽ بعد ۾ جاچ کي روڪيو ويو هو.

هڪ ٻئي بينڪ اڪائونٽ ۾ اربين رپيا موڪليا ويا،بينڪ اڪائونٽس مختلف ماڻهن جي نالن تي کوليا ويا،انهن ماڻهن کان جڏهن پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته انهن اڪائونٽس کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*