منهنجو مقابلو عالمي اسٽيبلشمينٽ سان آهي جيڪا نواز شريف پويان بيٺل آهي،پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته منهنجو مقابلو عالمي اسٽيبلشمينٽ سان آهي جيڪا نواز شريف پويان بيٺل آهي، بلاول نيئن سوشل ڪانٽريڪٽ جي ڳالهه ڪري ٿو پر آصف زرداري جا پئسا پرڏيهه ۾ پيل آهن.

ڪرڪ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اقتدار ۾ اچي نيب کي مضبوط ڪنداسين، سڀ کان پهرين منهنجو ۽ منهنجي وزيرن جو احتساب ٿيندو.

هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ميثاق جمهوريت جي ڳالهه ڪري ٿو پر آصف زرداري جا پئسا ملڪ کان ٻاهر پيل آهن.

سندس چوڻ هو ته آصف زرداري به نوازشريف سان مليل آهي، اڊيالا جيل وڏن مانگر مڇن جو انتظار ڪري رهي آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته 20 سالن کان ڪرپشن خلاف آواز اٿاريو آهي، سمورن ڪرپٽ ماڻهن کي جيل موڪليو ويندو.

هن چيو ته شهباز شريف جيڪو نواز شريف سان ڪيو اهو ته ڪو دشمن به نٿو ڪري سگهي، شهباز پنهنجي ڀاءُ سان به سچو نه آهي ته ملڪ سان ڪيئن سچائي ڪري سگهي ٿو.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته عوام آزاد اميدوار کي ووٽ نه ڏئي، هو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي، آزاد اميدوار چونڊ کٽڻ بعد پاڻ کي وڪرو ڪندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*