ملڪ ۾ ڪٺ پتلي سياست ڪئي پئي وڃي، سنڌ جو عوام سازشي سياست کي شڪست ڏيندو, پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪٺ پتلي سياست ڪئي پئي وڃي، سنڌ جو عوام سازشي سياست کي شڪست ڏيندو.

ننگر پارڪر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوامي طاقت سان وفاقي حڪومت ٺاهينداسين، اسان جي جدوجهد بيروزگاري، غربت ۽ ظلم خلاف آهي.

هن چيو ته مخالفن سنڌ ٽوڙيندڙن سان اتحاد ڪيو آهي، عوام ماضيءَ جيان هاڻي به ڪٺ پتلي اتحادن کي شڪست ڏيندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جو منشور هميشه عوام دوست رهيو آهي، پنهنجي لاءِ نه پر عوام لاءِ اقتدار چاهيون ٿا.

هن چيو ته اقتدار ۾ اچي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪيا ويندا، ملڪ ۾ بجلي ۽ روزگار جا ذريعا فراهم ڪيا ويندا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1996ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو ٿرڪول جو خواب ڏٺو، اڄ ٿر جي زمين مان ڪوئلو نڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*