نون ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته 25 جولاءِ تي عوام جي طاقت سان نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل مان ٻاهر آڻڻو آهي

نون ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته 25 جولاءِ تي عوام جي طاقت سان نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل مان ٻاهر آڻڻو آهي، پاڪستاني روڊن جَي جن جاءِ تي يوٽرن جا نشان آهن انهن کي هٽائي عمران خان جي تصوير لڳائي وڃي.

سرگوڌا ۾ نون ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته نوازشريف پنهنجي بيمار گهر واري کي لنڊن ۾ ڇڏي پاڪستان پهتو پر کيس سندس والدا سان ملاقات جي اجازت به نه ڏني وئي، ٻنهي پيءُ ۽ ڌيءُ کي جيل موڪليو ويو.

هن چيو ته نون ليگ سموري پاڪستان ۾ روڊن جا ڄار وڇايا، هُن شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن پاڪستان کي ايٽمي طاقتور بڻايو.

سندس چوڻ هو ته ڪوڙو ۽ بهتان خان روزانو هڪ ڳالهه ڪندو آهي ۽ يوٽرن وٺندو آهي، پاڪستان ۾ جيترا به يوٽرن جا نشان آهن اتي عمران جي تصوير لڳائي وڃي.

شهباز شريف جو  چوڻ هو ته عمران خان پشاور ميٽرو جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، پشاور ميٽرو جو ٺيڪو بليڪ لسٽ ڪمپني کي ڏنو ويو، پورو پشاور کنڊر بڻيل آهي.

نون ليگ جي صدر شهباز شريف جو چوڻ هو ته سرگوڌا ۾ جتي اسان جي نمائندن کان ڪوتاهيون ٿيون آهن ان تي معافي گهران ٿو، حڪومت ملي ته سرگوڌا کي لاهور جهڙو بڻائيندس.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*