ڪراچي ۾ پي ايس 93 تي چونڊ ۾ ڊيوٽي لاءِ پنهنجي جاءِ تي ٻي شخص کي پريزائيڊنگ آفيسر بڻائي موڪليندڙ جوابدار پريزائيڊنگ آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ پي ايس 93 تي چونڊ ۾ ڊيوٽي لاءِ پنهنجي جاءِ تي ٻي شخص کي پريزائيڊنگ آفيسر بڻائي موڪليندڙ جوابدار پريزائيڊنگ آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

سٽي ڪورٽ ٿاڻي جي پوليس موجب پي ايس 93 تي اليڪشن ڊيوٽي لاءِ مقرر پريزائيڊنگ آفيسر وحيد الله کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب گرفتار جوابدار ڊي ايم سي ۾ 16هين گريڊ جو آفيسر آهي جنهن پنهنجي جاءِ تي ڊيوٽي لاءِ زبير نالي شخص کي پريزائيڊنگ آفيسر بڻائي رٽرننگ آفيسر وٽ موڪليو هو.

پوليس موجب آر او وٽ موجود ڊي ايم سي جي هڪ رٽائرڊ آفيسر، رٽرننگ آفيسر طور پيش ٿيل جوابدار جي نشاندهي ڪئي، جيڪو موقعي تان فرار ٿي ويو.

پوليس موجب رٽرننگ آفيسر، ٻنهي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*