نواز شريف جي اڊيالا جيل ۾ اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي

نواز شريف جي اڊيالا جيل ۾ اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، ڊاڪٽرز پاران جيل کان اسپتال منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، ذريعن موجب ڊاڪٽر اظهر ڪياني ۽ ڊاڪٽر حامد شريف جيل ۾ وڃي نواز شريف جو معائنو ڪيو، ٻنهي ڊاڪٽرز نواز شريف کي راولپنڊي ڪارڊيالوجي اسپتال منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي،

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، ڊاڪٽرن پاران جيل کان اسپتال منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.

ذريعن موجب ڊاڪٽر اظهر ڪياني ۽ ڊاڪٽر حامد شريف جيل ۾ وڃي نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو.

ذريعن موجب پنجاب جي نگران گهرو وزير نواز شريف جي علاج بابت کي درخواست ملندي ئي فوري طور تي بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 ذريعن موجب ان حوالي سان پنجاب جي نگران وڏي وزير حسن عسڪري به هن معاملي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ نواز شريف کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي غور ويچار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*