چونڊ مهم هلائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، مختلف شهرن ۾ سياسي سرگرميون عروج تي پهتل آهن

چونڊ مهم هلائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، مختلف شهرن ۾ سياسي سرگرميون عروج تي پهتل آهن، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان لاهور ۾ مختلف هنڌن تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندو، مسلم ليگ ن ڊيرا غازي خان ۽ راولپنڊي ۾  سياسي سگهه جو مظاهرو ڪندي، متحده مجلس عمل اسلام آباد ۾ پنڊال سجائيندي.

سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون 25 جولاءِ تي ٿي رهيون آهن، اڄ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ آخري ڏينهن آهي، جڏهن ته سياسي سرگرميون به عروج تي پهتل آهن.

مختلف سياسي پارٽين پاران مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ جلسا ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان اڄ لاهور ۾ مختلف هنڌن تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندو، جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن.

مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف چونڊ سرگرمي جي آخري ڏينهن لاءِ ڊيرا غازي خان  ۽ راولپنڊي ۾ جلسن کي خطاب ڪندو،

متحده مجلس عمل اسلام آباد ۾ پنڊال سجايو آهي، جلسي  واري هنڌ پارٽي جا جهنڊا ۽ بينر به لڳايا ويا آهن.

مسلم ليگ ن اڳواڻ حمزه شهباز موچي گيٽ داتا دربار تائين ريلي جي قيادت ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*