بلوچستان جي علائقي دالبدين ۾  بلوچستان عوامي پارٽي جي آفيس تي دستي بم حملي دوران 20 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

بلوچستان جي علائقي دالبدين ۾  بلوچستان عوامي پارٽي جي آفيس تي دستي بم حملي دوران 20 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي دالبندين ۾ بلوچستان عوامي جي آفيس تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ جمهوريت کي ختم ڪرڻ واري ڪوششن ۾ رڌل آهن، سياسي جماعتن کي ملڪي ترقي لاءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو.

ليويز ذريعن موجب دالبدين جي علائقي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي آفيس تي دهشتگردن  حملو ڪري ڏنو.

ذريعن موجب حملي جي نتيجي 20 کان وڌيڪ ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين  طبي امداد ڏني وئي .

ليويز ذريعن موجب حملي ۾ زخمي ٿيل ڪيترن ئي ڪارڪنن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ، جن کي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي .

 ليويز ذريعن موجب دستي بم حملي  کان پوءِ سڪيورٽي فورسز پوري علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي .

ليويز ذريعن موجب دستي بم حملي جي نتيجي ۾ بي اي پي جي آفيس مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي .

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي دالبندين ۾ بلوچستان عوامي جي آفيس تي ٿيل حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ جمهوريت کي ختم ڪرڻ واري ڪوششن ۾ رڌل آهن، سياسي جماعتن کي ملڪي ترقي لاءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مستونگ سانحي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي جلسي ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ سراج ريئساڻي سميت 180 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*