فيصل آباد جي سينٽرل جيل ۾ قتل ڪيس ۾ موت جي سزا جي قيدي کي ڦاهيءَ تي ٽنگيو ويو

فيصل آباد جي سينٽرل جيل ۾ قتل ڪيس ۾ موت جي سزا جي قيدي کي ڦاهيءَ تي ٽنگيو ويو آهي.

فيصل آباد جي سينٽرل جيل ۾ موت جي سزا جي قيدي افضال کي سخت سيڪيورٽي انتظامن هيٺ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو.

جوابدار کي ڦاهي ڏيڻ دوران سينٽرل جيل جي اندر توڙي ٻاهر سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ڦاهيءَ کان اڳ قيدي جي وارثن سان آخري ملاقات پڻ ڪرائي وئي.

عدالت جوابدار کي 1995ع دوران سيالڪوٽ ۾ زميني تڪرار تان هڪ ڄڻي کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*